ڏکڻ ڪيرولينا(انٽرسٽنگ نيوز) هڪ ڪمپني جي پارڪنگ ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ ناياب پکيءَ هيٺ فرش تي پنهنجو آکيرو ٺاهي ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ تحفظ جي لاءِ چئني طرفن کان رنڊڪون رکيون ويون آهن. آمريڪي رياست ڏکڻ ڪيرولائنا ۾ يوٽيلٽي ڪمپني جي پارڪنگ تي ڪِل ڊيئر پکي پنهنجو آکيرو ٺاهيو آهي، پر 1918ع جي وفاقي قانون تحت لڏپلاڻ ڪندڙ پکين کي تحفظ حاصل آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڪمپني چئني طرفن کان رنڊڪون رکي ڪارن ۽ ماڻهن کي پکيءَ کان پري رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. برڪلي اليڪٽرڪ ڪو آپريٽو چيو آهي ته اسان کي پکين ۽ هن جي آکيري کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي اجازت نه آهي ڇوته هڪ مادي پنهنجي آنن تي ويٺي آهي ۽ خاص طور تي ان ڪيفيت ۾ هن کي ڇيڙڻ به مناسب نه هوندو. پر ڪمپني چيو آهي ته اسان هن پکيءَ جي تحفظ جي لاءِ حاضر آهيون جيڪو اسان جي رياست ۾ خوبصورتي ۾ واڌ جو سبب آهي.