رياض(انٽرسٽنگ نيوز) سعودي عرب جي پهاڙن تي افطاري ڪندڙ ڪجهه ماڻهن جي تصويرن انٽرنيٽ واهپيدارن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن. العربيه نيوز موجب شهرين جي هڪ گروپ بلند فيفا جبل جي ڪناري تي ويهي افطاري ڪئي، ان افطاري جون تصويرون انٽرنيٽ تي وائرل ٿيون ته ماڻهو حيران ٿي ويا. ايتري اونچائي تي افطار جو اهو منور خوبصورتي سان گڏوگڏ خوف ۽ حيراني جا احساس پيدا ڪري رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي ان تصوير تي وڏو ردعمل ڏسڻ ۾ آيو ۽ تصوير جي گهڻي تعريف ڪئي وئي. فوٽو گرافر بسام الفيفي ٻڌايو ته مان فيفا جي علائقي ۾ سياحتي دورن جو اهتمام ڪندو آهيان ۽ جازان جي علائقي ۾ سياحتي تجربا ڪرڻ ۾ مهارت رکندو آهيان، هن چيو ته مون وٽ محمانن جو هڪ گروپ هو ۽ مان انهن خوبصورت لمحن کي هنن سان گڏ شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بسام چيو ته اسان روايتي لباس پهري ورتو، مون هنن سان واعدو ڪيو ته اهي خطي جي مشهور کاڌن سان گڏ افطاري جو هڪ منفرد تجربو ڪنداسين.