پٿورو(ن پ ا) پير پٿورو صاحب جو ساليانو ميلو شروع ٿي ويو، ميلي جي پهرين ڏينهن ملهه پهلوانن پاران ملاکڙي جو زبردست پروگرام رکيو ويو، ملاکڙي ۾ اتر، لاڙ، ٿر جي ملهه پهلوانن پاران زور آزامائي ڪئي وئي، ملاکڙي ۾ پهرين جوڙ جي انور هاليپوٽو، اصغر هاليپوٽو، علي حسن سولنگي، رجب راهمون ۽ ٻين پهلوانن مقابلا کٽي خوب داد حاصل ڪيو. درگاهه جي پيرن ۽ شوقينن پاران ملهه مقابلا کٽيندڙ پهلوانن کي روڪ انعام ڏنا ويا، پير پٿورو جي ميلي ۾ ملاکڙي سان  گڏ گهوڙن جي ڊوڙ جو پروگرام پڻ رکيو ويو جنهن ۾ سنڌ جا مشهور  گهوڙن جا شوقين ارباب امان الله، سيد تاج حسين شاهه جيلاني،صوفي عقيل، ملهار ملڪاڻي، شاهه حسن شاهه پڇمائي، محمد خان جوڻيجو ۽ ٻين پنهنجا گهوڙا ميدان ۾ لاٿا، جنهن ۾ ملهار ملڪاڻي جو  شهزادو،  سيد ممنو  شاهه جو صبا مور، محمد خان جوڻيجو جو جادو، سيد شهمير شاهه جو ڪوبرا، ارباب امان الله جو مست ملنگ، سائينداد مري جو صدا بهار گهوڙن مقابلا کٽي خوب داد حاصل ڪيو.