پرٿ(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ڀارت کي شڪست ڏئي سيمي فائينل ۾ پهچڻ لاءِ رستو آسان بڻائي ورتو. پاڪستان جو ايونٽ مان ٻاهر ٿيڻ يقيني بڻجي ويو. ان سلسلي ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنز ٺاهيون. سوريا ڪمار ياديو 68 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ڀارت جا 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيا. ڏکڻ آفريڪا طرفان لنگي اين گڊي ۽ وين پارنيل 3 شڪار ڪيا. ڏکڻ آفريڪا 134 رنز جو هدف 19.4 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. ڊيوڊ ملر 59 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، ايڊن مارڪرم 52 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڀارت طرفان ارشديپ سنگهه 2 وڪيٽون ورتيون. لنگي اين گڊي کي 29 رنز ڏئي 4 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ڏکڻ آفريڪا ڀارت کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائينل ۾ پهچڻ جو رستو سولو ڪري ورتو. پاڪستان جو سيمي فائينل ۾ پهچڻ جو امڪان گهٽجي ويو.