برسبين(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش زمبابوي کي 3 رنز تان هارائي سپر 12 مرحلي ۾ ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. ان سلسلي ۾ بنگلاديش پهريان بيٽگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنز ٺاهيون. نجم الحسين شانتو 71 رنز ٺاهي نمايان رهيو. زمبابوي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنز ٺاهي سگهي. سين وليمز جي 64 رنز جي اننگز ٻوٽو نه ٻاري سگهي. بنگلاديش طرفان تسڪين احمد 3، مصدق حسين ۽ مستفيض رحمان 2-2 وڪيٽون ورتيون. تسڪين احمد کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.