پٿورو (ن پ ا) پٿورو واسي رنگ جو مستري ڏاڙھون ميگھواڙ سخت گرمي ۾ رنگ ڪندي اسڪول جي ڇت تان ڪري  سخت زخمي ٿي ويو جنھن کي فوري طور تعلقي اسپتال پٿورو آندو ويو جتان سندس حالت خراب ھجڻ ڪري فوري  طبي امداد بعد  وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. فوتي مزدور  جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.