حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان جهانزيب جا قاتل گرفتار نه ٿيا آهن ۽ وارث انصاف  لاءِ دربدر آهن. ان ڏس ۾  24 آگسٽ تي هٽڙي ٿاڻي جي حد جي هڪ هوٽل ٻاهران بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان جهانزيب راجپوت جا قاتل اڃا تائين پوليس گرفتار ڪري نه سگهي آهي. نوجوان جهانزيب کوکر پاڙي جو رهواسي ۽ ڪارن جو ڊيلر هو. کيس هڪ هوٽل ٻاهران هڪ شخص سرعام گوليون هڻي رات جو قتل ڪري ڇڏيو هو. قتول جي وارثن ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس جهانزيب جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ڊي آءِ جي حيدرآباد وارثن کي خاطري ڪرائي آهي ته جوابدار ڀلي ڪيڏا به بااثر ڇو نه هجن پر هو قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا.