ڏوڪري /موهن جو دڙو (نمائندن وٽان) موهن جو دڙو ۾ ٻه ڏينهن اڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿي ويل نوجوان انصاف ٻگهيو جو ڪيس حد جي فتح پور ٿاڻي تي سندس پيءُ محب ٻگهيو جي فرياد تي پنج جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول جي پيءُ محب ٻگهيو پنهنجي اخبار کي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ منهنجي 25 سالا نوجوان پٽ انصاف علي کي ڪارنهن جي تهمت مڙهي جوڻيجا برادري جي ماڻهن اسان جي پراڻي سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيو هو. جنهن تان مان حد جي فتع پور ٿاڻي تي پنجن جوابدارن الهداد جوڻيجو، الهڏتو جوڻيجو، مور جوڻيجو، اڪبر جوڻيجو ۽ عبدالغني جوڻيجو خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي جي مختلف جڳهن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.