پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ لڳ دوکي سان يرغمال بڻائي بيدردي سان قتل ڪيل شاگرد محمد صديق آريجو جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عبداالرزاق خاصخيليءَ کي گذريل ڏينهن  پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو. جوابدار عدالت ۾ ڏوهه جو اعتراف  ڪيو، جنهن بعد کيس عدالت جي حڪم تي جيل اماڻيو ويو واضح رهي ته 2 ڏينهن پيرجوڳوٺ ويجهو ڳوٺ نور محمد آريجو جي رهواسي نائين ڪلاس جي شاگرد محمد صديق آريجو کي دوکي سان يرغمال بڻائي انتهائي بي دردي سان قتل ڪيو ويو هو. گرفتار جوابدار عبدالرزاق خاصخيلي کي پيرجو ڳوٺ پوليس گذريل ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي جوابدار، شاگرد کي اغوا بعد قتل کان اڳ زيادتيءَ جو پڻ اعتراف ڪيو. بعد ۾ عدالت سڳوري جوابدار کي جيل اماڻي ڇڏيو. ٻئي پاسي خاصخيلي برادري جي ماڻهن گذريل ڏينهن پاڪ کڻي احتجاج ڪيو. مظاهرين عزيز الله خاصخيلي، سڪندر، مسمات نوران خاتون، خالده خاصخيلي ۽ احتجاج ڪندي چيو ته آريجا برادريءَ جي نوجوان صديق آريجو جي قتل جو اسان کي به ڏک آهي پر ان واقعي جي آڙ ۾ گذريل ڏينهن 100 کان وڌيڪ ماڻهن اسان جي گهرن مٿان چڙهائي ڪري تشدد نو نشانو بڻايو. هنن چيو ته اسان جو جوابدارن سان ڪو به واسطو ناهي.