لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي حيدري پوليس گجڻ پور چوڪ واري علائقي ۾ شاهد شاهه جي ڪٻاڙي واري دڪان  تي ڇاپو هڻي  15 کان وڌيڪ  دوائن جون ٻوريون هٿ ڪري ڪٻاڙي  شاهد شاهه ۽ آصف ڪوري کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ان سلسلي ۾ حيدري پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڪٻاڙي شاهد شاهه جي دڪان تي ڇاپو هڻي مدي خارج دوائن جون ٻوريون هٿ ڪري ورتيون آهن،پوليس موجب سرڪاري دوائون ڪٻاڙي جي دڪانن تي وڪرو ناهن ٿينديون، دوائون وڪرو ڪرڻ لاءِ سرڪاري ليٽر لازمي هوندو آهي ڪٻاڙي وٽ مدي خارج دوائون وڪرو ٿيون آهن ان وٽ اهڙي قسم جا ڪي به ثبوت ناهن، تنهن ڪري معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون.ٻئي طرف پي پي ايچ آءِ ڊسٽرڪٽ مئينجر  عبدالرحيم جوڻيجو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته دوائون مدي خارج هيون، جيڪي چوڪيدار پاران ڪٻاڙ جي دڪان تي وڪرو ڪيون آھن.