پٿورو ويجهو نينگري آپگهات ڪري ڇڏيو

0
248

پٿورو ويجهو 16ورھين جي نينگري خودڪشي ڪري ڇڏي، ڳوٺ عبدالواحد آريسر جي رهواسڻ16 سالا شانو ڌيءَ نارائڻ ڀيل گھرن وارن کان ناراض ٿي گھر جي ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پٿورو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقا اسپتال کڻائي آئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، تعلقي ۾ خودڪشين جو رجحان وڌنڌڙسبب گذريل ھڪ مھيني دوران خودڪشي جا 13 واقعا پيش اچي چڪا آهن.