ڪراچي (ڳالهه ٻولهه: شاهد ميراڻي ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شازيه عطا مري چيو آهي ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي خالق جماعت آهي، لڳي ٿو ته نواز ليگ پيپلز پارٽي کي ڀِت سان لڳائڻ چاهي ٿي، پ پ کي ڪهڙي حيثيت ۾ شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو؟ لاڙڪاڻي ۾ پ پ جي مخالفت ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي سان اتحاد ڪندڙ جي يو آءِ کي نوٽيس ڇو نه پيو ملي؟. اسان چاهيون ٿا ته پي ڊي ايم جو پليٽ فارم برقرار رهي، باقي اتفاق راءِ سان فيصلا نه ٿيڻ ڪري اتحاد هلي نٿو سگھي، “ٽائيم نيوز” سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي آزاد سياسي جماعت آهي، اتحاد ۾ گڏ ضرور آهيون پر ڪنهن جي ماتحت ناهيون، پي ڊي ايم جي آخري اجلاسن ۾ انهي ڳالهه جو اندازو ٿي ويو هو ته پي ڊي ايم ۾ هاڻي اتفاق راءِ سان فيصلا ڪرڻ بدران فيصلا مڙهيا پيا وڃن، لڳي ٿو ته نواز ليگ سازش تحت پ پ کي ڀِت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي هڪ سوال جي جواب ۾ شازيا عطا مري چيو آهي ته اسان جي خواهش آهي ته پي ڊي ايم برقرار رهي ۽ اپوزيشن جماعتون گڏجي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏين. هن چيو ته11 اپريل تي سڏايل سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ نواز ليگ ۽ جي يو آءِ جي رويــن تي تفصيلي بحث ڪيو ويندو، سي اِي سي جو اجلاس انهي ڪري به اهم آهي ته اجلاس دوران سينيئر ميمبرن سان صلاح مشورن بعد استيعفائن ۽ پي ڊي ايم ۾ رهڻ يا نه رهڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو، شازيه مري چيو ته نواز ليگ جو رويو افسوسناڪ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شازيه مري چيو ته سياست ۾ ڪڏهن به ڳالهين جا در بند ناهن ٿيندا. هن چيو ته موجوده حڪومت جي ٺهڻ ۾ جهانگير ترين جون ڪوششون شامل هيون، جهانگير ترين جي پ پ ۾ شموليت واريون ڳالهيون بي بُنياد هيون، شهلا رضا جي ٽوئيٽ ۾ ڪابه صداقت نه هئي، تنهن ڪري هُن پنهنجو ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو.