ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب  عدالت هڪ ارب 76 ڪروڙ رپين جا غير قانوني اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس ۾ نامزد سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سميت 20 ڄڻن خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.  ڄاڻايل ريفرنس ۾ آغا سراج دراني، سندس گهرواري، پٽ، ڌيئرون، ڀاءُ ۽ ٻيا نامزد ٿيل آهن. ٻئي طرف اسپيڪر آغا سراج دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ڊي ايم جي ڪراچي واري جلسي ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي ٿي، رڳو پراڻيون تقريرون ورجايون ويون آهن،  جيڪڏهن  پ پ پي ڊي ايم سان جلسي ۾ گڏ هجي ها ته تمام گهڻو فرق پوي ها. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن ڪا مضبوط پارٽي ڪنهن تحريڪ مان نڪري ويندي آهي ته انهي سان تحريڪ ڪمزور ٿي ويندي آهي.