ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻالڪ سان بدفعلي، پوليس طرفان متاثر ٻالڪ جي والد سان ناروا سلوڪ، گورنر  نوٽيس ورتو. ان ڏس ۾ نارٿ ناظم آباد  جي  نجي اسڪول ۾ مقرر چوڪيدار جي پٽ اسڪول ۾ بال کڻڻ ويل 4 ورهين جي ٻار کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو. پوليس موجب ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻالڪ سان زيادتي جي تصديق ٿي آهي، واقعي بعد متاثر ٻالڪ جو والد ٿاڻي پهتو ته ساڻس پوليس ناروا سلوڪ ڪيو.  ٻالڪ جي والد جي احتجاج  جو پوليس اختيارين ۽ گورنر به نوٽيس ورتو، جنهن بعد تيموريه ٿاڻي تي ٻالڪ جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف گورنر آءِ جي کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گورنر چيو آهي ته پوليس جو اهو فرض آهي ته اها پريشان شهرين جي مدد ڪري، آءِ جي سنڌ کي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گھرجي.