ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي ٽاپ بيوروڪريٽس ۾ شمار ٿيندڙ  21 هين گريڊ جو بورڊ آف روينيو  جو سينيئر  ميمبر علم الدين بُلو رٽائرڊ ٿي ويو، چيف سيڪريٽري ساڻس الوداعي ملاقات ڪري کيس اجرڪ پارايو ويو، علم الدين بُلو سنڌ جي وزيراعليٰ جو پرنسپل سيڪريٽري، آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري،  سنڌ ۾ تعليم، ورڪس ، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتن جو سيڪريٽري، چيئرمين اينٽي ڪرپشن سميت ٻين اهم عهدن تي رهي چُڪو آهي، ڪالهه سندس سروس جو مُدو مڪمل ٿي ويو.