لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف ڪي پي ڪي جي قيادت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي صوبائي اسيمبلي ٽورڻ جي حتمي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، عمران خان جي صدارت هيٺ ڪي پي ڪي جي قيادت جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرويز خٽڪ، اسد قيصر، علي امين گنڊاپور، عاطف خان ۽ تيمور جهڳڙا شريڪ ٿيا، ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙڻ جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي، ميمبرن عمران خان کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي حتمي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ڏنو.