اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلوچستان پوليس سينيٽر اعظم سواتي کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪوئيٽا کڻي وئي، ذريعن موجب اعظم سواتي کي بلوچستان جي ڪچلاڪ جيل ۾ رکيو ويندو، ادارن ۽ انهن جي سربراهن خلاف تڪراري ٽويٽس ڪرڻ تان گرفتار ڪيل اعظم سواتي کي گذريل ڏينهن اسلام آباد جي جڊيشل ماجسٽريٽ 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو هو، سينيٽر اعظم سواتي خلاف ڪوئيٽا سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، 27 نومبر تي ايف آءِ اي پاران اعظم سواتي کي گرفتار ڪيو ويو هو.