لاهور (م ڊ) ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي جي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ٻن ڏينهن ۾ ٻيهر ملاقات، مونس الاهي چيو آهي ته اسانجي خواهش آهي ته پنجاب جي ايندڙ بجيٽ ڏئي وڃون پر عمران خان اسيبملي ٽوڙڻ چاهي ٿو ته اسان تيار آهيون،  ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي عمران خان سان ملاقات لاءِ زمان پارڪ پهتو، ملاقات دوران پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ بابت اهم مشاورت ڪئي، مونس الاهي عمران خان پنهنجي گذريل ڏينهن واري انٽرويو تي پيدا ٿيل صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، مونس الاهي انٽرويو واري ساڳي ڳالهه ورجائيندي چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي جنرل باجوا پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ چيو هو، اڳوڻي آرمي چيف تي تنقيد اجائي آهي، باجوا صاحب پي ٽي آءِ خلاف نه هو، جنرل باجوا درياءُ جو رُخ پي ٽي آءِ لاءِ موڙيو ته ٺيڪ، هاڻي وري غلط ٿي ويو.