اسلام آباد (بيورو رپورٽ)9 مئي جي واقعن بعد پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳوڻو ايم اين اي عثمان تَرڪئـِي پ پ ۾ شامل ٿي ويو، اسلام آباد ۾ فيصل ڪريم ڪُنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران عثمان ترڪئي پاران پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، عثمان تَرڪئـِي چيو آهي ته اسان ڪنهن نئين پارٽي ۾ شامل نه ٿيا آهيون، پنهنجي گهر ۾ واپس اچي ويا آهيون، منهنجي وڏي ڀاءُ 1968ع ۾ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، 21 مئي تي پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.