اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳي ته عدالت هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيندي، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينئر وڪيل چيو ته ڀڃ ڊاهه انفرادي عمل آهي ان بنياد تي ڪنهن پارٽي تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي، هن چيو ته ماضي ۾ جماعت اسلامي تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ماضي ۾ سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته اوهان ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي نٿا لڳائي سگهو، بيرسٽر علي ظفر چيو ته دهشتگردي ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندڙ جماعت بابت مختلف قانون آهن، پارٽي کي سزا ڏيڻ گهرجي پابندي نه لڳائڻ گهرجي، هن چيو ته قانون تي عملدرآمد نٿو ٿئي عدالتون ضمانت ڏين ٿيون، جيل مان نڪرندي ئي ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ٿو وڃي اها لاقانونيت آهي عدالت ايڪشن کڻندي.