اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي تي ريڊ لائين ڪراس ڪئي وئي آهي، ڪا به سفارش نه مڃي ويندي، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، کين قانون تحت سزا ملندي، اهي بچي نه سگهندا، عمران خان جي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتاري ٿي ان پنهنجي جٿن کي ڪجهه مهينا پهريان ئي چئي ڇڏيو هو ته گرفتاري ٿيڻ جي صورت ۾ ڪٿي ڪٿي حملا ڪرڻا آهن، قوم جواب گهري ٿي ته حساس عمارتن تي حملا ڇو ڪيا ويا؟، ڪنوينشن سينٽر ۾ شهيدن لاءِ ٿيل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شهيدن تي فخر آهي، جن پاڪستان جي  دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانه پيش ڪيا، ملڪ جي عظيم سپوتن دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، قوم سڪون جي ننڊ سمهي ٿي اها سپتون جي خون جي زڪوات آهي، وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي ملڪ اندر جيڪا درندگي ٿي پي ٽي آءِ ۽ ان جي سربراهه کي پنهنجي گرفتاري سان اگر اعتراض هو ته پاڪستان جي تاريخ سوين هزارين گرفتارين سان ڀريل آهي پر گرفتارين ڪري ڪنهن هڪ ڪونڊي به نه ڀڳي ۽ ڪنهن به نجي توڙي سول، فوجي هنڌن تي وڃڻ جو نه سوچيو پر 9 مئي تي المناڪ واقعو ٿيو، عمران خان پاڻ کي آجو قرار نه ٿو ڏئي سگهي، پاڪستان جي نالي تي حرف اچڻ نه ڏينداسين، واقعن جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، وزيراعظم طور لمحي لاءِ به ڪوتاهي نه ڪندس، قوم ۽ عوام جي عدالت کيس معاف نه ڪندي، هن چيو ته ڀارت کي ٻيو ڇا گهرجي، 65 جي جنگ ۾ به جيڪي خواب ڀارت جا پورا نه ٿيا 9 مئي تي دهشتگردن انهن جو اهو خواب پورو ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، فيصلو ڪيو آهي ته حملو ڪندڙن کي ڪا به رعايت نه ڏينداسين، قصور وارن کي ڪنهن به صورت ۾ معافي نه ملندي، ڪا به سفارش نه مڃي ويندي، ريڊ لائين ڪراس ڪئي وئي آهي، چوڻ چاهيان ٿو ته جن انتهائي ظالماڻه قدم کنيا، انهن کي قانون مطابق سزا ملندي، پاڪستان پنهنجو مقام حاصل ڪندو، ملڪ اڳتي وڌندو، شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا، شهيدن جي ٻارن لاءِ اربين رپين جا فنڊ ڏينداسين، سٺن ادارن ۾ داخلا لاءِ ڪوٽا رکنداسين.