ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي  اڳوڻي  گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو آهي ته ڊاڪٽر عامر لياقت جي خالي ٿيل تڪ  اين اي 245 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ ڀرپور حصو وٺندي، عمران اسماعيل چيو ته  ڪورنگي ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ  جي بائڪاٽ سبب عوام گهران نه  نڪتو،  سنڌ جي وڏي پارٽي جي دعويدار پ پ کي پنج ھزار ووٽ مليا، هن چيو ته حليم عادل شيخ خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وياآهن، سڀاڻي  پ پ وارن خلاف ساڳئي ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، هن چيو ته عمران خان جي سڏ تي ڪراچي جي شاھراھ قائدين تي مھانگائي خلاف اڄ رات جو نائين وڳي احتجاج ڪنداسين، 10هين وڳي عمران خان جو خطاب اسڪرين تي ٻڌنداسين،