لاڙڪاڻي ۾ نوجوان پاران ون ويلنگ ڪندي عورت کي ٽڪر، مرڻينگ

0
107
لاڙڪاڻي ۾ نوجوان پاران

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شھر ۾ ون ويلنگ جو آزار وڌي ويو آھي، اوباش نوجوان پاران ون  ويلنگ ڪندي عورت کي ٽڪر ھڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي

نئين ديري باءِ پاس تي موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب عورت زرينا خاتون ڀيل سخت زخمي ٿي پئي آھي، جڏھن تھ پوليس ون ويلنگ ڪندڙ  شاھد عمراڻي  کي گرفتار ڪري ورتو آھي، زخمي عورت کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي

شھرين جو ان سلسلي ۾ چوڻ آھي تھ شھر ۾ نوجوانن پاران ون ويلنگ جو آزار وڌي ويو آھي، خاص ڪري آچر جي ڏھاڙي اوباش نوجوان رستن تي نڪري ون ويلنگ ڪن ٿا ۽ حادثا معمول بڻجي ويا آھن