اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري حنا رباني کر جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي  چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت خاص طور تي حنا رباني کر کي ايف اي ٽي ايف مان نڪرڻ تي مبارڪ هجي، هن چيو ته امپورٽيڊ حڪومت خاص طور تي حنا رباني کر کي ايف اي ٽي ايف مان نڪرڻ جي اهميت معلوم هوندي پر توهان ۾ ڪجهه شرم  ۽ حياءُ هجي ها ته توهان قوم ۽ تحريڪ انصاف کان معافي گهرو ها، جڏهن اسان ان حوالي سان قانون سازي ڪري رهيا هئاسين ته توهان مخالفت ڪئي، هاڻي قوم کان توهان معافي وٺو،  توهان، توهان جي پارٽي، امپورٽيڊ سرڪار مخالفت ڪري سنگين غلطي ڪئي هئي، توهان عمران خان ۽ ان جي ٽيم جو به شڪريو ادا ڪيو، اعتراف ڪيو ته عمران خان پاڪستان کي بچايو، حنا رباني کر جيڪي ڳالهيون ڪري رهي آهي ان جي ڪا ضرورت ناهي.