اسلام آباد: گذريل 20 سالن جي عرصي دوران پي ٽي آءِ جي حڪومت اڻ چونڊيل شخصيتن کي ٻه ڀيرا 6 مهينن تائين وفاقي وزير مقرر ڪندڙ پهرين حڪومت بڻجي وئي آهي، آئين تحت اڻ چونڊيل وزير کي چونڊجڻ تائين 6 مهينن لاءِ وفاقي وزير مقرر ڪري سگهجي ٿو، آئين جي ان آرٽيڪل جو سهارو وٺي پي ٽي آءِ سرڪار سڀ کان پهريان حفيظ شيخ کي ناڻي جو وفاقي وزير مقرر ڪيو، ان کان پوءِ ٻيو ڀيرو پي ٽي آءِ حڪومت شوڪت ترين کي ناڻي ۽ روينيو وزارت جو وفاقي وزير مقرر ڪيو آهي، ان کان اڳ گذريل 20 سالن دوران ڪنهن به حڪومت پنهنجي مدت دوران ان آئين جي آرٽيڪل تحت عارضي طور تي 6 مهينن لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڪنهن کي به وفاقي وزير مقرر نه ڪيو آهي.