اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ نواز ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف ۾ فون تي رابطو ٿيو آهي، ذريعن مطابق نواز ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کان صحت بابت دريافت ڪيو، رابطي دوران ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ کان علاوه پي ڊي ايم جي ايندڙ حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ذريعن مطابق ميان نواز شريف پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي جي پي ڊي ايم ڇڏڻ بابت مامرو مولانا فضل الرحمان تي ڇڏي ڏنو آهي، نواز شريف فون تي رابطي دوران فضل الرحمان کي چيو ته اسان کي توهان مٿان مڪمل اعتماد آهي، اسان پي ڊي ايم کي متحد ڏسڻ چاهيون ٿا، جنهن تي مولانا فضل الرحمان موقف اختيار ڪيو ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن وچ ۾ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي نه ٿيڻ گهرجي، نواز ليگ جي اڳواڻن کي وڌيڪ بيان بازي کان روڪيو وڃي، جنهن تي ميان نواز شريف چيو ته شاهد خاقان عباسي پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري چڪو آهي، جنهن تي مولانا فضل الرحمان ميان نواز شريف کي ٻڌايو ته پي ڊي ايم کي متحد رکڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي قيادت سان رابطي ۾ آهيان.