اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي تبديلي، وزيراعظم عمران خان ناڻي وزير حماد اظهر کي مقرري جي 18 ڏينهن بعد ئي هٽائي ناڻي وزارت جو قلمدان شوڪت ترين کي ڏئي ڇڏيو، فواد چوڌري، شبلي فراز، عمر ايوب، خسرو بختيار جا کاتا به تبديل ڪيا ويا، تفصيل موجب 29 مارچ تي ناڻي وزير
طور قلمدان سنڀاليندڙ حماد اظهر کي وزيراعظم عمران خان 18 ڏينهن اندر ناڻي وزارت تان هٽائي ڇڏيو، وزيراعظم هائوس جي ترجمان پڌرائي ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ ردوبدل ڪئي آهي، وزيراعظم عمران خان ناڻي وزير حماد اظهر کان ناڻي وزارت، صنعت پيداوار وزارت جا قلمدان واپس وٺي ڇڏيا آهن، وزيراعظم ناڻي ۽ روينيو وزارت جو شوڪت فياض احمد ترين کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حماد اظهر کي توانائي جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عمر ايوب خان کان توانائي وزارت جو قلمدان واپس وٺي کيس اقتصادي مامرن جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي، خسرو بختيار کان اقتصادي مامرن جي وزارت جو قلمدان واپس وٺي کيس صنعت پيداوار جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي، فواد چوڌري کان سائنس ٽيڪنالاجي وزارت جو قلمدان واپس وٺي کيس سڌ سماءَ وزارت جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ائين شبلي فراز کي سائنس ٽيڪنالاجي جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران چوٿون ناڻي وزارت جو قلمدان تبديل ٿيو آهي، سڀ کان پهريان ناڻي وزارت جو قلمدان اسد عمر کي مليو، جيڪو 20 آگسٽ 2018ع کان 18 اپريل 2019 تائين ناڻي وزارت جو وفاقي وزير رهيو، ان بعد 18 اپريل 2019ع کان 11 اپريل 2020ع تائين حفيظ شيخ وزيراعظم جو ناڻي بابت صلاحڪار رهيو، 11 ڊسمبر 2020 کان 19 مارچ 2021ع تائين حفيظ شيخ ناڻي جو وفاقي وزير رهيو، 29 مارچ تي ناڻي وزارت جو قلمدان حماد اظهر کي ڏنو ويو، 18 ڏينهن کان پوءِ کيس عهدي تان هٽائي ٻيهر اڻ چونڊيل شوڪت ترين کي ناڻي ۽ روينيو وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته موجوده حڪومت جي دور ۾ شوڪت ترين اهڙو ٻيو ناڻي وزير آهي جيڪو پيپلزپارٽي جي دور ۾ به ناڻي وزير رهيو آهي، شوڪت ترين کان پهريان پ پ پ دور ۾ ناڻي وزير رهندڙ حفيظ شيخ کي به موجوده حڪومت پنهنجو ناڻي وزير مقرر ڪيو.