ڪراچي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت ۾ گيس بابت هڪ رپورٽ سامهون آئي آهي. گيس جي کوٽ سميت ڪنيڪشنز لڳائڻ بابت اوگرا تفصيلي رپورٽ ميڊيا سامهون آندي آهي. توانائي جي بحران باوجود عمران خان حڪومت گيس ڪنيڪشز ڏيندي رهي. اوگرا تحريڪ انصاف جي حڪومت واري دور2020ع کان 2021ع جي رپورٽ جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته گيس بحران کانپوءِ به چار لک ستهٺ هزار نون گيس واهپيدارن جو واڌارو ڪيو ويو هو، 21-2020ع ۾ پنجاب ۾ ٽي لک چوونجاهه هزار، سنڌ ۾ ست هزار هڪ سو ٻاونجاهه، خيبر پختونخوا ۾ ڇاهٺ هزار ٻه سو نو جڏهن ته بلوچستان۾ ارڙهن هزار ٻه سو چوراسي نوان گيس ڪنيڪشنز ڏنا ويا، 421 نون ٻهراڙي علائقن کي گيس نيٽورڪ فراهم ڪيا ويا، روڊ بائورز ايل پي جيءَ جي واهپي لاءِ پنجن لائسنس کي پڻ جاري ڪيو ويو رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته تيل ڪمپنين ملڪ ۾ ٽي سو اڻاسي، پنجانوي ميٽرڪ ٽن آئل کي ذخيرو ڪيو، ملڪ ۾ پيٽرول جا پنجاهه هزار اڻويهه ميٽرڪ ٽن کي اسٽور ڪيو ويو، مالي سال ٻه هزار ويهه کان ايڪويهه ۾ ڊيزل جو پنجيتاليهه هزار ٽي سو سٺ ميٽرڪ ٽن ذخيرو ڪيوويو، اوگرا گيس واهپيدارن کي يارنهن ڪروڙ ٽياسي لک رپيا ريليف فراهم ڪيو ويو.