ڪنڊيارو (رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊيارو ڀرسان لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو، برسات سبب جهري پيل گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻن ڀائرن سميت 4 برسات متاثر دٻجي فوت، 3 ڄڻا زخمي، وارثن جو چوڻ آهي ته رستا بند هجڻ سبب زخمين کي اسپتال پهچائڻ ۾ دير ٿي جنهن ڪري هو فوت ٿي ويا، خبر موجب ڳوٺ حاجي محمد صديق لاکو ۾ برسات سبب جهري پيل گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 4 ڳوٺاڻا محمد قاسم لاکو، محمد سليم، عبدالرحمان ۽ قاسم سخت زخمي ٿي پيا، جن کي رستن تي پاڻي هجڻ ڪري ٽريڪٽر ٽرالي ذريعي ڪنڊيارو اسپتال پهچايو پئي ويو ته دير ٿيڻ ڪري 4 ڄڻا رستي ۾ فوت ٿي ويا، فوتي پاڻ ۾ مائٽ ٻڌايا پيا وڃن، جڏهن ته فوتين ۾ ٻه سڳا ڀائر پڻ شامل هئا، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته پاڻي سبب سندن ڳوٺ جا سمورا رستا ٻڏل آهن، جنهن ڪري زخمين کي اسپتال پهچائڻ ۾ دير ٿي ۽ هو فوت ٿي ويا، هنن چيو ته گذريل هڪ مهيني کان پاڻي هيٺ آيل گهرن ۾ بي يارو مددگار ويٺل آهيون پر ڪير به سار لهڻ ناهي آيو، هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد هڪ نجي تنظيم جي ايمبولينس ذريعي 4 ئي ڄڻن جا لاش اباڻي ڳوٺ منتقل ڪيا ويا، لاش گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي، هوڏانهن علائقي جو ڪو به چونڊيل نمائندو متاثر خاندان وٽ لڙي نه آيو،