ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت منافعي جي لالچ ڏئي شهرين سان فراڊ ڪندڙ پرڏيهي ڪمپنين خلاف داخل ڪيل درخواست تي نيب کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ  26 سيپٽمبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه نيب پاران پرڏيهي ڪمپنين جا بئنڪ اڪائونٽس فريز ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواست جي  ٻڌڻي دوران نيب عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته پرڏيهي ڪمپنين خلاف ايس اي سي پي شڪايت تي انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي. جوابدار شهرين کي پنهنجي ڪمپنين سان رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ چون ٿا شهرين کي رقم ڪمپنيز جي اڪائونٽ يا ڪيش ڪائونٽر تي جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ ڪمپنيون لاگ ان لاءِ شهرين کي آءِ ڊي فراهم ڪنديون آهن ۽ پئسا جمع ڪرائڻ کانپوءِ شهرين کي ڪمپنيز طرفان ورچوئل پوائنٽس ڏنا ويندا آهن. انويسٽمينٽ جي بنياد تي پوائنٽس گهٽ يا وڌيڪ ٿيندا آهن شهرين کي ماهوار منافعو ڏنو ويندو هو جيڪو سندن پروفائيل تي ظاهر ٿيندو هو، جڏهن ته انڪوائري شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ويب سائٽس بند ڪيون ويون هيون ۽ ڪمپنين طرفان سوشل ميڊيا ذريعي ڪسٽمرز آڻڻ تي اضافي نفعي جو لالچ ڏنو ويندو هو. ڊي جي چائنه منسٽري آف فارن افيئرز کان جواب لاءِ مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت نيب کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ 26 سيپٽمبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي.