پي ٽي آءِ جي پيدا ڪيل ڏُکيائين سبب ٽيون ڀيرو پيٽرول مهانگو ڪرڻو پيو: وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس

0
291

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽرول جون ٽيون ڀيرون قيمتون وڌائڻ بعد عوام جي سخت احتجاج ۽ رد عمل بعد وفاقي سرڪار چيو آھي تھ پي ٽي آءِ جي پيدا ڪيل ڏُکيائين سبب ٽيون ڀيرو پيٽرول مهانگو ڪرڻو پيو، قوم جون عادتون مَٽائڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

پيٽرول مهانگو ٿيڻ بعد وفاقي وزيرن ۽ مُشيرن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ھنن چيو تھ حڪومت اڪيلي سر ملڪ نٿي هلائي سگهي

 وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته 4 سالن جي بُرائي وِک وِک تي رنڊڪ بڻجي رهي آهي، هٿ ٻڌي اپيل ڪريون ٿا ته بچت ۽ سادگي ڏانهن وڃو، هاڻي سادگي اسان جي ڪلچر جو حصو ٿيڻ گهرجي

ان موقعي تي پريس ڪانفرنس دوران قمر زمان ڪائره چيو آهي ته بازارون سوير بند ٿينديون ته بجلي ۽ تيل جي بچت ٿي سگهندي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته فالتو خرچ ڪنٽرول نه ڪريون ۽ چئون ته حڪومت سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي سبب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه هو:وزيراعظم