پوليس پسند جي شادي ڪندڙ دعا زھرا جو اغوا ڪيس سي ڪلاس ڪري ڇڏيو

0
232
پوليس پسند جي شادي ڪندڙ

ڪراچي: ڪراچي اوڀر پوليس گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ دعا زهريٰ جو اغوا ڪيس سي ڪلاس ڪري ڇڏيو آھي، ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ دعا زهريٰ اغوا ڪيس جو چالان پيش ڪيو ويو

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته دعا زهريٰ مرضيءَ سان پنجاب وڃي نڪاح ڪيو، سنڌ ۾ جوابدارن تي چائلڊ ايڪٽ لاڳو نٿو ٿئي، دعا زهريٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ مقامي مئجسٽريٽ اڳيان بيان به رڪارڊ ڪرائي چڪي آهي

پوليس موجب دعا زهريٰ جو ننڍي عمر ۾ اغوا جو الزام ثابت نٿو ٿئي، عدالت کي اغوا ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ بابت چالان منظور ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

ڪوڙ کي پير ناھن ھوندا، اسان مٿان تشدد جا الزام ڪوڙا آھن:دعا زھره جا والدين