پي ٽي آءِ جون ڪهڙيون 6 شخصيتون شرپسندن سان رابطي ۾ رهيون: 9 مئي واقعن بابت رڪارڊ سامهون اچي ويو

0
215

ڪراچي: 8  ۽ 9 مئي تي پي ٽي آءِ قيادت ۽ وڳوڙين وچ ۾ رابطن جي حوالي سان ڇرڪائيدڙ رڪارڊ سامهون اچي ويو، ٽيڪنيڪل تجزيي ۽ جيو فينسنگ سان پي ٽِي آءِ جي اعليٰ قيادت ۽ وڳوڙين وچ ۾ ربطن جو انڪشاف ٿيو آهي

 جيو فينسنگ رڪارڊ ذريعي حاصل ڪيل معلومات موجب آرمي جي حساس ٺڪاٺن تي تي حملن جو منصوبو مبينا طور تي 8 مئي تي زمان پارڪ ۾ تيار ڪيو ويو

 رڪارڊ مان پتو پيو ته 8 مارچ تي زمان پارڪ ۽ 9 مئي تي جناح هائوس حملي ۾ 154 موبائل نمبرز سامهون آيا، 215 ڪالرز 9 مئي تي 6 اڳواڻن سان رابطي ۾ رهيا

Aditya Raj Kaul on Twitter: "#BREAKING: Pakistan Army HQs - GHQ Rawalpindi under attack by public after Imran Khan's arrest. Women leading violent protest against Pakistan Army. Mob enters GHQ Rawalpindi. Pakistan

 عمران خان جي گهر زمان پارڪ  سان 6 اهم شخصيتن  جي رابطن جو رڪارڊ سامهون آيو، جن ۾ ياسمين راشد، حمد اظهر، محمود الرشيد، اعجاز چوڌري، اسلم اقبل ۽ مراد راس وڳوڙين سان رابطن ۾ رهيا،رڪارڊ موجب 75 ڀيرا موبائل فون رابطن ۾ محمودالرشيد سرفهرست آهي

 ياسمين راشد جو رابطو ڪالز ذريعي 41 ڀيرا ٿيو ۽ حماد اظهر  جي موبائل نمبر تان 10 ڪالز شرپسندن کي ڪيون ويون

PTI leaders booked for attacks on GHQ, Lahore Corps Commander's residence

 اعجاز چوڌري طرفان ڪيل 50 ڪالز رڪارڊ ۾ آيون جڏهن ته اسلم اقبال 16 ۽ مراد راس 23 ڪالز جناح هائوس ۾ موجود وڳوڙين کي ڪيون

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري سياست ۽ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو