اسلام آباد سميت پاڪستان جي چئني صوبن ۾ يوم تڪريم شهداءُ ملهايو پيو وڃي

0
188
اسلام آباد سميت پاڪستان جي چئني صوبن ۾ يوم تڪريم شهداءُ ملهايو پيو وڃي
اسلام آباد سميت پاڪستان جي چئني صوبن ۾ يوم تڪريم شهداءُ ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت پاڪستان جي چئني صوبن ۾ يوم تڪريم شهداءُ ملهايو پيو وڃي، جي ايڇ ڪيو راولپنڊيءَِ ۾ مک تقريب منعقد ڪئي وئي، آرمي چيف جنرل عاصم منير تقريب جو خاص مهمان هو

 تقريب ۾ هٿياربند فوج جي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسرز به شرڪت ڪئي، جن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا، اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا ۽ ٻيا رٽائرڊ آفيسر موجود هئا، قومي تراني جي ڌن وڄائي يوم شهداءُ تڪريم جو آغاز ڪيو ويو

 آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گل نچاور ڪيا، تقريب ۾ موجود شهيدن جي گهر ڀاتين ۽ اسڪول جي ٻارن به شهيدن جي يادگار تي گلن جي ڀيٽا ڏني

 پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان نيول هيڊڪوارٽرز، فارميشن هيڊڪوارٽر ۽ پوليس جي شهداءُ يادگارن تي به تقريبون منعقد ڪيون ويون

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ جون ڪهڙيون 6 شخصيتون شرپسندن سان رابطي ۾ رهيون: 9 مئي واقعن بابت رڪارڊ سامهون اچي ويو