لاهور(م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي گاڏي تي جوتو اُڇلايو ويو. راڻا ثناءُ الله سان اِهو واقعو پنجاب اسيمبلي اجلاس کانپوءِ واپس ويندي پيش آيو آهي. وفاقي گهرو زوير جي گاڏي تي اڻڄاتل همراهه طرفان جوتو اُڇلايو ويو جيڪو گاڏي جي ونڊ اسڪرين تي لڳو. راڻا ثناءُ الله گاڏي جي فرنٽ سيٽ تي ويٺو هو، ڊرائيور گاڏي جي اسپيڊ گهٽائي ۽ پوءِ اڳتي وڌي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جوتو مبينا طور پي ٽي آءِ ايم پي اي راشد حفيظ جي ڊرائيور اُڇلايو آهي.