اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ديا مير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي هيٺ پنج رڪني لارجر بينچ 12 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي. جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل بينچ ۾ شامل هوندا، جڏهن ته جسٽس امين الدين خان به لارجر بينچ جو حصو هوندا.
اٽارني جنرل، واپدا چيئرمين، ايف بي آر چيئرمين ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. انکانسواءِ اين ايچ اي ۽ نيشنل بينڪ جي چيئرمينز سميت ٻين ڌرين کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.