لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن خلاف توهينِ عدالت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان جو ادارن سان جهيڙو ناهي آرمي چيف کي درخواست آهي ته پنهنجي اداري جي غيرجانبداري يقيني بڻائي.  ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ادارن سان جهيڙو نه پر ورڪنگ رليشنشپ چاهيون ٿا، آرمي چيف کي درخواست آهي ته پنهنجي اداري جي غيرجانبداري يقيني بڻائي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز کي نامعلوم نمبرن تان فون اچي رهيا آهن ايم پي اي مومنه وحيد کي 5 ڪروڙ رپيا ڏئي لوٽو بڻايو ويو آهي، عمران تي حملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي هدايتون ڏنيون ويون آهن اهي تمام سنجيده نوعيت جا معاملا آهن آرمي چيف انهن سڄي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي.