ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه  ٽرانسپورٽ  کاتي کي ھدايت ڪئي آھي تھ اھي شھر  ۾ پيپلز بس جي سمورن روٽس وارن روڊن جي  مرمت لاءِ مڪاني کاتي سان گڏجي ڪم ڪن، ڪالهه پيپلز  بس جي مسئلن تي  ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن  چيو ته ٽرانسپورٽ ۽ مڪاني ادارن وارا کاتا گڏجي 40 ڏينھن اندر ڪم مڪمل ڪري ڏيکارين،  هن چيو  ته پيپلز بس  شھر ۾ ھڪ سٺي سھولت ٿي وئي آھي، ان کي برقرار رکيو وڃي، ھن ٽرانسپورٽ کاتي کي 20 ڏينھن اندر شهر ۾ 250 بس اسٽاپ قائم ڪرڻ جي ھدايت ڪندي چيو ته  پيپلز بس تي ڪم ڪندڙ ڪلينر، ڪنڊيڪٽر ۽ ڊرائيور کي صاف سٿرو ھئڻ گھرجي. ٽرانسپورٽ  واري وزير  شرجيل ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو  تھ شھر ۾ پيپلز بس سروس جو پھريون روٽ 27 جون تي ملير کان ٽاور تائين شروع ٿيو ھو، پھرين جولاءِ 2022ع کان ٻيو روٽ شروع ڪيو ويو، ھاڻ 250 بسن سان ستن کان وڌيڪ روٽ آھن، ماڊل ڪالوني کان ريگل چوڪ تائين واري روٽ تي  روڊ جي مرمت لاءِ اسفالٽ واري ڪم جي گھرج آھي. ملير ھالٽ، ايف ٽي سي، آرام باغ وارن علائقن ۾ فرش واري ڪم جي ضرورت آھي،  ڪجھه علائقن ۾ سيوريج ۽ ڊرينج لائينون خراب ٿي ويون آھن. اھڙي طرح نارٿ ڪراچي کان انڊس اسپتال تائين روٽ تي شفيق موڙ، سھراب ڳوٺ ۽ شاھه  فيصل پل وارن علائقن ۾ اسفالٽ واري ڪم جي ضرورت آھي  گلشن ۽  شاھه فيصل وارن علائقن ۾ فوٽ پاٿن جي مرمت جي ضرورت آھي. حيدري، نيشنل اسٽيڊيم، شان چورنگي، ايف ٽي سي پل، ليفٽ ٽرن کان لياقت آباد نمبر 10 تائين فوٽ پاٿ ٽٽل ۽  سيوريج لائينون  خراب آھن روٽ نمبر 6 ۾ اورنگي ٽائون، پاپوش نگر، گارڊن، بلوچ ڪالوني، پي آءِ بي ڪالوني، بھادر آباد انڊرپاس جي روڊن ۽ فٽ پاٿن جي مرمت ۽ روٽ 7  تي قطر اسپتال جي ڀرپاسي، حاجي ھوٽل اورنگي ٽائون وارن روڊن جي مرمت جي ضرورت آھي.