سکر (بيورو رپورٽ) سکر بئراج ۾ ڦاٿل پنجن لاشن مان صرف هڪ لاش ڪڍيو ويو، 4 لاش پاڻيءَ جي تيز وهڪري  ۾ اڳتي لڙهي وڃڻ جو انڪشاف، بئراج مان ڪڍيل لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. پوليس لاءِ لاشن جي سڃاڻپ چئلنج بڻيل، ڊي آءِ جي سکر طرفان پوليس کي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم. ان ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافي کانپوءِ سکر بئراج وٽان گذريل چئن ڏينهن ۾ 11 لاش ۽ هڪ مهيني ۾ ست عورتن سميت 14 نامعلوم لاش ڪڍيا ويا آهن. جڏهن ته گذريل چئن  ڏينهن دوران مجموعي طور 16 نامعلوم لاش لڙهي آيا، جن مان 5 لاش سکر بئراج جي گيٽ نمبر 31-34-48-61 ۾ ڦاٿل هئا، جن مان صرف 34 هين نمبر گيٽ مان لاش ڪڍيو ويو، جڏهن ته ذريعن موجب باقي لاش نه نڪري سگهيا، جيڪي پاڻيءَ جي تيز وهڪرن ۾ اڳتي لڙهي ويا. ايڌي سکر جي سرڪل انچارج گل مهر موجب گذريل چئن ڏينهن ۾ سنڌو مان 11 لاش ۽ هلندڙ مهيني ۾ 14 ڪڍيا ويا، جن ۾ 7  لاش عورتن جا هئا، جن کي لاوارث ڄاڻائي دفنايو ويو. پوليس جي لاءِ سکر بئراج مان مليل نامعلوم لاشن جي سڃاڻپ چئلينج بڻيل آهي ته ڄاڻايل عورتن ۽ مردن کي قتل ڪري ڦٽو ڪيو ويو يا اهي ٻڏي فوت ٿيا. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي سکر جاويد احمد جسڪاڻي سکر پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ملندڙ لاشن بابت جاچ رپورٽ پيش ڪئي وڃي،.