سکر (بيورو رپورٽ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي صرف سياستدانن  کي ئي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اسان کان 35 سالن جو حساب ته گھريو پيو وڃي پر انهن کان حساب نٿو ورتو وڃي جن 4 ڀيرا ملڪ تي مارشل لا هنيو، مارشل لا دوران ئي ملڪ ۾ ڪلاشنڪوف، هيروئن، دهشتگردي ۽ طالبانائيزيشن کي هٿي ملي. آءِ بي اي سکر جي آڊيٽوريم هال ۾ تعليم کاتي ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ واري واري تقريب کي خطاب ڪندي هن جو چوڻ هو ته افسوسناڪ حقيقت آهي ته ملڪ ۾ رڳو 13 ملين ايڪڙ فوٽ دريائي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، اسان جو 127 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي،جنهن سان ساليانو 8 بلين ڊالر نقصان ٿئي ٿو. خورشيد شاهه چيو ته ملازمن جون پگهارو وڌائڻ، بي روزگارن کي روزگار ڏيڻ، نوڪرين تي بحال ڪرڻ، صوبن کي پنهنجو نالو ڏيڻ سميت جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا، هڪ به واعدو رهجي ويو هجي ته آئون استعيفا ڏئي ڇڏيندس. هن جو چوڻ هو ته اڄ جون حالتون ان ڪري خراب آهن جو سوشل ميڊيا تي صرف سياستدانن کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهو نٿو پڇيو وڃي ته هن ملڪ تي 4 ڀيرا مارشل ڇو لڳا. هو نٿو پڇيو وڃي ته ڪلاشنڪوف ڪلچر، هيروئن، دهشتگردي، طالبانائيزيشن کي ڪهڙن دورن ۾ هٿي ملي. ميڊيا يا سوشل ميڊيا تي فقط سياستدان کي قصوروار قرار ڏنو وڃي ٿو. جڏهن ته خراب ۾ خراب سياستدان به ڊڪٽيٽر کان هڪ ڪروڙ ڀيرا سٺو آهي.