لاهور (م ڊ) پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ پنجاب ۾ ننڍي چونڊ گڏجي وڙهڻ تي اتفاق ڪري ورتو، پيپلز پارٽي پنهنجن اميدوارن کان هٿ کڻائيندي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز ليگ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير عطاءَ تارڙ چيو ته پنجاب ۾ ننڍي چونڊ گڏيل طور وڙهنداسين، پيپلز پارٽي جي حمايت سان هر تڪ ۾ اسان جي پوزيشن بهتر ٿيندي. عطا تارڙ چيو ته پيپلز پارٽي طرفان ننڍي چونڊ ۾ حمايت تي سندن ٿورائتا آهيون، پيپلز پارٽي جي اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺندا، اسان گورننس بابت هڪٻئي سان مشاورت جو عمل وڌائينداسين. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ حسن مرتضيٰ چيو ته پيپلزپارٽي ن ليگ ۾ ضم نه پئي ٿئي، ضمني اليڪشن گڏجي وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عام چونڊن ۾ هڪٻئي جي آمهون سامهون هونداسين. حسن مرتضيٰ چيو ته مهانگائي عمران خان حڪومت جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي، پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي وڌي رهي آهي، حڪومت مهانگائي تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، رليف به ڏئي رهي آهي.