اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب جي آبپاشي  کاتي چشما جهلم لنڪ ڪينال مان ڪالهه ٻئي ڏينهن به پاڻي کڻت ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو، 802 ڪيوسڪ کان اضافو ڪري سي جي لنڪ ڪينال مان پاڻي کڻت هڪ هزار ڪيوسڪ تي آڻي ڇڏي آهي.پنجاب پاران  ٽي پي لنڪ ڪينال مان ڪالهه به ٽي پي لنڪ ڪينال مان 6110 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جو عمل جاري رهيو، ٻئي طرف سنڌ صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ ڪالهه به 59.1 سيڪڙو تي برقرار رهي، گڊو بيراج تي پاڻي جي کوٽ 79.3 سيڪڙو، سکر بيراج تي پاڻي کوٽ 44.36 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي کوٽ 64.5 سيڪڙو تي رهي، ڪالهه گڊو بيراج جو مٿيون وهڪرو 78588 ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو 66 هزار 726 ڪيوسڪ رهيو، سکر بيراج جو مٿيون وهڪرو 59767 ۽ هيٺيون وهڪرو 25047 ڪيوسڪ رهيو، ڪوٽڙي بيراج جو مٿيون وهڪرو 11910 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بيراج کان ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ 115 ڪيوسڪ رهيو.