اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر پاران صحيح ڪرڻ کان انڪار باوجود آئين جي آرٽيڪل 75 جي شق 2 تحت گڏيل پارليامينٽ پاران منظور ٿيل اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 2022ع ۽ نيب ترميمي بل 2022ع قانون بڻجي ويا، ڄاڻايل آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته اگر گڏيل پارليامينٽ جي منظوري کان پوءِ صدر 10 ڏينهن ۾ بلن تي صحيح نه ڪري ته اهي 10 ڏينهن کان پوءِ قانون بڻجي ويندا، ياد رهي ته نيب ترميمي بل ذريعي نيب جا اختيار گهٽ ڪري نيب چيئرمين جي مقرري جو طريقيڪار تبديل ٿيڻ کان علاوه نيب جي رمانڊ جي مدت کي گهٽ ڪيو ويو هو، جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمي بل ذريعي انٽرنيٽ ذريعي سمنڊپار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ بابت پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ ڪيل ترميمون ختم ڪيون ويون هيون.