اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، پنجاب ۽ پشاور سوڌو اترين علائقن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس  ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب ملتان، بکر، ڦاليه، ڪماليه، ڪوهاٽ، شبقدر، مهمند، مالاڪنڊ، سوات بونير ۾ پڻ ڪالهه رات دير سان زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، ان کانسواءِ ميانوالي، پاڪ پتڻ، ڀيرا ۾ پڻ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 6 ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز افغانستان جي صوبي خوست کان 44 ڪلوميٽر پري  ڏکڻ اولهه ۾ هو، شهرين جو چوڻ آهي ته زلزلي جا لوڏا 30 کان 40 سيڪنڊن تائين محسوس ڪيا ويا. واضح رهي ته زلزلي جي لوڏن جي نتيجي ۾ هنيئر تائين ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع سامهون ناهن.