ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ جي طرفان شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ تي پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي کان مستعفي ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان ۽ قمر زمام ڪائرهه اڄ پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي سان استعفيٰ ڏيندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ جي سينٽرل ايزيڪٽو ڪميٽي جو موقف آهي ته پي ڊي ايم سياسي اتحاد آهي ۽ ان ۾ شامل ڪئي جماعت ڪنهن جي به ماتحت نه آهن، ان جي ڪري شوڪاز نوٽيس ڏئي ڪري ڄاڻي واڻي اپوزيشن اتحاد کي سخت نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم کي فعال رکڻو آهي ته پ پ ۽ اي اين سان معافي ورتي وڃي، واضح رهي ته اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي لاءِ بلوچستان عوام پارٽي (باپ) کانووٽ وٺڻ تي پ پ ۽ اي اين پي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا، جنهن تي اي اين پي اتحاد کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو، ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي سي اي سي جي اجلاس ۾ پي ڊي جو شوڪاز نوٽِس ڦاڙي ڇڏيو هو..