ڀرياسٽي (ن پ ا) عورت کي “ جن” آھي، علاج لاءِ پوپي ڏي کڻي ويندي ڀرياسٽي ڀرسان فوت ٿي وئي، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪرڻ بعد وارث بنا پوسٽ مارٽم جي عورت جو لاش کڻائي ويا، عورت جي مڙس اسلم لاڙڪ جو چوڻ آهي ته اسان پير ڳوٺ جي خلجي پاڙي جا رھواسي آھيون، گذريل ڏينھن منهنجي گھرواري وڪيلان لاڙڪ جي طبيت خراب ھجڻ سبب گمس اسپتال داخل ڪيو ويو ھو، گمس اسپتال ۾ عورت وينٽيليٽر تي ھئي، جتان جنات جو اثر ھجڻ سبب نوشھروفيروز ڀرسان جن ڪڍندڙ ڏي کڻي وڃي رھيا هئاسين ته رستي ۾ فوت ٿي وئي.