لاهور (بيورو رپورٽ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ن ليگ جي فتح ڊسڪه جي فتح ناهي، وڏي تبديلي جو نتيجو آهي، ن ليگ رياستي مشينري ۽ جعلي حڪومت جو مقابلو ڪيو،لاهور ۾ عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته نيب عمران خان جي چوڻ آهي ته انتقامي ڪارروايون ڪري ٿو، نيب پوليٽيڪل انجنيئرنگ جو ادارو آهي، ن ليگ جي خلاف ڏينهن رات پروپيگنڊه ڪيو ويو، ن ليگ کي دٻائڻ ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو آهي ته فيبروري ۾ هي ڌانڌلي ڪري به نه کٽي سگهيا، هر فورم تي شڪست کانپوءِ هنن کي عوامي ميدان تي اچڻو پيو، هي سپريم ڪورٽ ويا ته عوام جي شڪست کان بچايو، هن وڌيڪ چيو آهي ته هي ميدان ۾ آيا ته عوام هنن جي ووٽن تي ابتو پير ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، عوام هن کي ووٽ چوري ڪندي پڪڙيو، ن ليگ کي ٽوڙڻ جي لاءِ 5 سال ڪوشش ڪئي وئي ۽ راڻاثڻاءُ الله تي ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، ، هن چيو آهي ته جهانگير ترين جي ذاتي مامرن تي ڪجهه نٿي چوڻ چاهيان، حڪومتي ميمبرز ٽي وي تي حڪومت جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن، هن کان اڳ مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي، عدالت نيب کي حڪم ڏنو ته مريم نواز کي گرفتار ڪرڻ کان 10 ڏينهن عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي، جنهن بعد عدالت مريم نواز جي درخواست اڪلائي ڇڏي..