پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ عوام سان ظلم

0
243
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

لڳي ٿو حڪومت کي مهانگائي جي ماريل عوام جو ڪو خيال ناهي، نه ئي انهن جي تڪليفن جو اندازو آهي جيڪو هو وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي  ڪري ڀوڳي رهيا آهن. مٿان وري وزيرن جا بيان  انهن جا سور ٻيڻا ڪري رهيا آهن. هڪ طرف حڪومت جون معيشت بهتر ٿيڻ جون دعوائون آهن ته ٻئي طرف مهانگائي کان وٺي ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ جا اهڙا قدم کنيا ويا آهن جنهن سان هيٺين طبقي ته ٺهيو هاڻ مڊل ڪلاس ۽ سفيد پوش ماڻهن لاءِ به پنهنجا روزاني جا خرچ پورا ڪرڻ مسئلو بڻجي ويو آهي.پر اهي لقاءَ ڏسي لڳي نه ٿو ته ڪو حڪومت عام ماڻهن کي ڪو رليف، ڪو فائدو پهچائڻ لاءِ هن ٽن سالن ۾ ڪجهه سوچيو به آهي يا ڪي اپاءُ ورتا آهن، بس هر حال ۾ عوام جي کيسي تي بار وجهي ٻين خرچن جو پوراءَ ڪيو پيو وڃي.

حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ ڌڪ سان 5رپيا في ليٽر اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان مهانگائي جو اهڙو طوفان ايندو جنهن جي سٽ سهڻ عام عوام جي وس جي ئي ڳالهه نه هوندي. حڪومت جا ترجمان هر ڀيري اها دعويٰ ڪندا آهن ته اوگرا وڌيڪ اگهه وڌائڻ جي سفارش ڪئي پر وزيراعظم عام ماڻهن جي مجبوري جو خيال رکندي قيمتن ۾ ٿوري واڌ ڪئي جڏهن ته هن ڀيري اوگرا پيٽرول جي قيمتن ۾ هڪ رپيو  في ليٽر واڌ جي سفارش ڪئي پر وزيراعظم ان سفارش جي ابتڙ 5 رپيا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن مان ايئن محسوس ٿي رهيو آهي جيڪو گذريل ڀيري قيمت نه وڌائڻ وارو فيصلو ڪيو ويو اها ڪسر   هن ڀيري قيمت  وڌائي ڪڍي وئي  آهي. حڪومت هڪ طرف اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي جنهن سان سوسائٽي جا مختلف سيڪشن اڳ ئي انهي کان ناراص ۽ڪاوڙيل آهن ته ٻئي طرف وري پيٽرول جي قيمتن ۾ هيڏي پئماني تي واڌ عام عوام کي مڇرائي سگهي ٿي جيڪي اڳ ئي  مهانگائي سبب پنهنجي خرچن جو پوراءَ نه ٿا ڪري سگهن يا پنهنجي ۽ خاندان لاءِ ٻن ويلن جي ماني جي بندوبست ڪرڻ کان قاصر آهن. پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ رڳو پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تائين محدود نه ٿي رهي پر انهي واڌ سان عام استعمال جي شين جي قيمتن کي اهڙا ته پر لڳي ٿا وڃن جو اهي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳن ٿيون . پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سان پهريون فرق ٽرانسپورٽ جي ڪراين تي پوي ٿو جيڪي اڳ ئي ڄڻ حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهن ۽ ٽرانسپورٽر من ماني سان ڪرايا وصول ڪندا رهن ٿا. هڪ ڏينهن هڪڙا ڪرايا هوندا آهن ته ٻئي ڏينهن ساڳئي شهر ۾ ساڳئي منزل لاءِ ٻيا ڪرايا هوندا آهن ۽ انهن تي نه ضلعي انتظاميا ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي نه ٽرانسپورٽ جو کاتو ۽ نه ئي سنڌ حڪومت ۽ عوام انهن جي هٿان ڦرجندو رهي ٿو. پر هاڻ هڪ ڌڪ سان پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي ته  اهي ٽرانسپورٽر پنهنجا ڪرايا ٻيڻ تي وڌائي ڇڏيندا.رڳو مسافر گاڏيون نه پر ان سان گڊس ۽ سبزيون مارڪيٽ تائين پهچائيندر گاڏيون به پنهنجن ڪراين  ۾ واڌارو ڪري ڇڏينديون ۽ انهن جو اثر  انهن عام استعمال جي شين ۽ سبزين جي قيمتن تي پوندو  ۽ اهي مهانگيون ٿي وينديون .

اسان سمجهون ٿا ته پيٽرول جي قيمتن ۾ هڪ ڌڪ سان ايترو واڌارو نه رڳو عوام سان ظلم آهي پر  حڪومت جي پنهنجي ساک خراب ڪرڻ جو ڪارڻ به بڻجي سگهي ٿو.تنهن ڪري وفاقي سرڪار کي پنهنجي انهي فيصلي تي يڪدم نظرثاني ڪري واپس وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جڏهن عوام جي وات مان گرهه کسڻ جي ڪوشش ٿي ته اها عوام حڪومت خلاف ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي. جڏهن مخالف ڌر اڳ ئي حڪومت خلاف سندرا ٻڌي بيٺل هجي اهڙي وقت ۾ عوام کي پنهنجي خلاف ڪرڻ حڪومت جي دانشمندي هرگز نه چئبي.