نيويارڪ(دلچسپ نيوز) هڪ وڻ 40 مختلف ميوا ڏئي سائنسدانن کي حيران ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نيويارڪ جي سائرا ڪس يونيورسٽي جي پروفيسر سيم وين ايڪن هڪ انوکو وڻ تيار ڪري ورتو آهي، ٽري آف 40 جي نالي سان اهو انوکو وڻ هڪ ئي وقت مختلف قسمن جا 40 ميوا ڏيڻ جي صلاحيت رکندڙ آهي، انهن ميون ۾ ڏاڙهون، آلوچي، خوباني، چيريز ۽ ٻيا ميوا شامل آهن جڏهن ته سائنسدان وڻ جي صلاحيت تي حيران ٿي ويا آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سياري ۾ ان انوکي وڻ کي ڇاڻي مختلف وڻن جون شاخون ڳنڍيون وڃن ٿيون جيڪي جلد هڪ ٿيو وڃن، ان حوالي سان پروفيسر سيم وين جو چوڻ آهي ته مون ان پراجيڪٽ تي 2008 دوران ڪم شروع ڪيو، جڏهن ته وڻ جي واڌ ويجهه ۾ 9 سال لڳي ويا آهن. هن ٻڌايو ته اهو يقين نه ٿيڻ جوڳو منصوبو گرافٽنگ نالي ٽيڪنيڪ ذريعي يقين جي قابل بڻجھي سگهيو.