پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ لڳ دنگ واري مسجد اسٽاپ وٽ نامعلوم جوابدار دڪاندار صدام سيال جي ڪرياني جي دڪان کي کاٽ ھڻي روڪ رقم ۽ لکين رپين جو سامان کڻي فرار ٿي ويا. متاثر دڪاندار ۽ علائقي واسي پيرجوڳوٺ – احمد پور مين روڊ تي ٽائرن کي باھ ڏئي دڪاندار صدام حسين سيال، نديم احمد سيال، رفيق احمد سيال، لطيف احمد سيال، غلام سرور سيال ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته دڪاندار صدام سيال جي دڪان مان نامعلوم جوابدار رات دير سان  کاٽ ھڻي لکين رپيا روڪ ۽ سامان کڻي فرار ٿي ويا آهن. احمدپور پوليس ھڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڌاڙي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.